پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ بعد ڪي پي ڪي جي سمورن ضلعن ۾ سائرن لڳائڻ جو فيصلو
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ڀارت جي مسلسل اشتعال انگيز ڪارروائين کانپوءِ، خيبر پختونخواهه جي سڀني ضلعن ۾ سائرن لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. خيبر پختونخواه ڊائريڪٽوريٽ آف سول ڊفينس ان حوالي سان انتظاميا کي هڪ خط جاري ڪيو آهي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته خيبرپختونخواهه جي سڀني ضلعن ۾ جديد سائرن لڳايا وڃن، شهري علائقن، مارڪيٽن ۽ ٻين هنڌن تي بروقت خبرداري لاءِ سائرن لڳايا وڃن.
