نواز شريف ۽ وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته پيپلز پارٽي سان ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪيا وڃن: راڻا ثناءُالله

2668479-nawazshahbaz-1721059367-600x450

( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پنهنجي بيان ۾ چيو ته محمد نواز شريف ۽ وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته پيپلز پارٽي سان ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪن

هن چيو ته پيپلز پارٽي وفاق جو حصو آهي، آئيني عهدن تي رهندي اسان کي وڌيڪ ذميواري سان ڳالهائڻ گهرجي، اسان کي پيپلز پارٽي جي قيادت جو تمام گهڻو احترام آهي.

هن چيو ته 1991 ۾ صوبن جي وچ ۾ ٿيل معاهدي ۽ 1992 جي ارسا ايڪٽ جي موجودگي ۾ ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿي ڪري سگهجي، هڪ صوبي جو پاڻي ٻئي صوبي جي حصي ۾ نٿو وڃي سگهي ۽ ان کي يقيني بڻائڻ لاءِ ملڪ ۾ آئيني طريقيڪار ۽ قانون موجود آهن.

رانا ثناءُ الله چيو ته پاڻي جي مسئلي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، معاملا هڪ ٽيبل تي ويهي حل ڪرڻ گهرجن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *