دادو جي عدالت پاران سي آءِ انچارج بينظير جمالي ۽ انسپڪٽر پير ڏنو ڪاتيار خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

WhatsApp Image 2025-04-19 at 20.18.32_49118eb6

دادو ( رپورٽ: عبدالغفار چانڊيو ) دادو فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج حسن علي ڪلوڙ جي عدالت پاران اڳوڻي ايس  ايڇ او سي آءِ اي انچارج بينظير جمالي ۽ انسپيڪٽر پير ڏنو ڪاتيار خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا

دادو عدالت ۾ مولي ڏنو جتوئي پاران ايس ايڇ او بينظير جمالي ۽ انسپڪٽر پير ڏنو ڪاتيار  سميت 10پوليس اهلڪارن خلاف بنا جواز 21 فيبروري تي گهر ۾ داخل ٿي 7 لک 35 هزار تولا سون، 2 بيٽريون، 4 سولر پينل، 12 مينهون، 43 ٻڪريون 3 ڍڳيون کڻي ويا آهن

دادو ايڊيشنل سيشن جج پاران درخواست گذار کي ٻڌڻ بعد ٻنهي ايس ايڇ او ۽ ٻين پوليس اهلڪارن خلاف اميناڻي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي، عدالت جا ڪيس داخل ٿيڻ بعد دادو پوليس پنهنجي ساٿي پوليس اهلڪارن کي بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي وئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *