ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻي سبب ٽريفڪ کي مختلف رستن تان گذرايو پيو وڃي: ترجمان موٽروي

1266282_2293712_traffic-(1)_updates

( اسٽاف رپورٽر ) سکر موٽروي پوليس جي ترجمان موجب ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻي سبب ٽريفڪ گذريل ڪيترن ئي ڪلاڪن کان معطل آهي، جنهن ڪري گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن، ڊرائيورن کي متبادل رستا اختيار ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي.

ترجمان موجب قومي شاهراهه تي هلندڙ ٽريفڪ کي مختلف هنڌن تان روڪيو ويو آهي جڏهن ته ٽريفڪ کي مختلف هنڌن تان نوان رستا ڏنا پيا وڃن.

ترجمان موجب پنجاب کان خيرپور ايندڙ ٽريفڪ کي پٽڻي، روهڙي، ڪنڌرا، جيل روڊ، جو رستو ٻڌايو ويو آهي، سکر کان خيرپور ايندڙ ٽريفڪ کي ٻٻرلوءِ شهر منجهان روڊ تان موڙيو پيو وڃي ۽ متبادل رستو ڏنو پيو وڃي

جڏهن ته ڪراچي کان ايندڙ ٽرئفڪ کي ٽنڊي مستي کان لاڙڪاڻي ڏانهن موڙيو پيو وڃي، راڻيپور کان ايندڙ ٽرئفڪ کي ننگريجا، ڪنڀ ۽ پراڻي اين ايڇ وي ڏانهن موڙيو ويندو

هوڏانهن نوابشاهه کان ايندڙ ٽريفڪ کي منگهيا ناڪي کان پراڻي اين ايڇ وي خيرپور ڏانهن موڙيو پيو وڃي ۽ متبادل رستو ڏنو پيو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *