خيرپور ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل، مڙهه مقامي اسپتال منتقل

What-are-the-Differences-between-Murder-and-Manslaughter--1080x675

خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) پيرجوڳوٺ ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ جوابدارن ڪارنهن الزام هيٺ عورت ۽ مرد کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، لاش مقامي اسپتال منتقل ڪيا ويا

فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ڳوٺ محرم جاگيراڻي ۾ هٿياربندن پسند جاگيراڻي ۽ ڳوٺ صوبل جاگيراڻي واسڻ ستارا کي مبينا ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي قتل ڪيو

واقعي جو اطلاع ملڻ کانپوءِ حد جي پوليس ٻنهي مقتولن جا مڙهه کڻائي مقامي اسپتال منتقل ڪيا

پوليس موجب نوجوان ۽ ناري کي سندن ئي برادري جي ماڻهن ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو

ھوڏانھن ذريعن جو چوڻ آهي ته ناري ستارا جي پيءُ حبيب الله جاگيراڻي طرفان ٻنهي کي قتل ڪيو ويو آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *