خيرپور: شادي جون دعوتون ڏيڻ ويندڙ گهوٽ روڊ حادثي ۾ فوت
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) خيرپور جي تعلقي فيض گنج جي علائقي ڪرونڊي ويجهو افسوسناڪ حادثو، پنهنجي شاديءَ جا ڪارڊ کڻي ويندڙ گهوٽ سميت ٻه ڄڻا فوت، لاش مقامي اسپتال منتقل
ڪرونڊي شهر ۾ ڊگري ڪاليج ڀرسان تيز رفتار ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار نوجوان سعيد ۽ فرحان شر موقعي تي فوت تي فوت ٿي ويا
واقعي بعد ٻنهي فوتين جا لاش کڻائي مقامي اسپتال منتقل ڪيا ويا جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا
ٻڌايو پيو وڃي ته فوت ٿي ويل سعيد شر جي 20 هين اپريل تي شادي رٿيل هئي، مٽن مائٽن ۾ ڪاڄ جا ڪارڊ کڻي وڃي رهيا هئا ته ساڻن حادثو پيش آيو
ٻئي پاسي فوتين جا لاش سندن گهر پهتا ته فوتي سعيد شر جي گهر ۾ خوشين وارو ماحول ماتم ۾ تبديل ٿي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال پکڙجي وئي
