تڪراري ڪئنالن خلاف چوهڙجمالي ۽ سجاول ۾ ريليون
سجاول/چوهڙجمالي ( رپورٽ: سليم ملاح، سيف الله اوٺو ) سجاول ۾ بئراج موري کان سجاول ٺٽو روڊ تائين ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي ريلي جي اڳواڻي، حيدر شاھاڻي، ڊاڪٽر احمد نوناري، جمن سنڌي، غني ملاح ۽ ٻين ڪئي
چوهڙ جمالي ۾ به تڪراري ڪئنالن خلاف ڳوٺاڻا روڊ تي نڪري آيا نٽهڻ اس ۾ وفاقي حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي، چوهڙجمالي ۾ نڪتل ريلي جي اڳواڻي امير بخش جت، عارب ڀتڙ ۽ ٻين ڪئي
ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته وفاق توڙي سنڌ سرڪار جي سنڌ دشمن منصوبي کي ڪنھن به صورت ۾ ڪامياب ٿيئڻ نه ڏينداسين، سنڌ دشمن اھڙي منصوبي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جا ھٿ آھن، هنن چيو ته سنڌ جون غيرتمند تنظيمون تڪراري ڪئنالن تي خاموش نه ويهنديون
