پوليو بابت آگاهي فراهم ڪرڻ لاءِ ٽنڊوالهيار ۽ مٽياري ۾ ريليون
مٽياري/ٽنڊوالهيار ( رپورٽ: ذوهيب ميمڻ، اي جي عاقلاڻي ) مٽياري ۾ پوليو جي خاتمي بابت آگاهي واڪ جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ ڪئي، واک جي پڄاڻي تي ڪمشنر ضلعي مٽياري ۾ 21 کان 27 اپريل تائين هلندڙ پوليو مهم جو باضابطا افتتاح ڪيو، ڊپٽي ڪمشنر آفيس مٽياري ۾ اعليٰ سطحي اجلاس پڻ منعقد ڪيو ويو
ٽنڊوالهيار ۾ به سول اسپتال ۾ پوليو مهم جي سلسلي ۾ ڊي سي ٽنڊوالهيار نور مصطفيٰ لغاري جي اڳواڻي ۾ پوليو واڪ ڪيو ويو
ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته والدين پنهنجي 5 سالن جي گهٽ عمر جي گلن جهڙن ٻارن کي پوليو جي بچاءَ قطرا پيارين ۽ پوليو ٽيم جي رضاڪارن سان تعاون ڪن
