خيرپور: ٽن ٻارڙن جي قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) ٽن معصوم ٻارن کي تشدد بعد پيٽيءَ ۾ واڙي قتل ڪرڻ جي ڪيس ۾ جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ماڊل ڪورٽ جوابدارن جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جوابدارن کي پوليس جي پهري هيٺ سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو
خيرپور ۾ ڪرمنل ٽرائل ماڊل ڪورٽ جي اسپيشل جج علي بخش ٿيٻو جي عدالت ۾ خيرپور جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ وڏا سمنگ ۾ شاهنواز شيخ جي گهر اندر 26 مارچ 2024 تي تشدد بعد ٽن معصوم ٻارن 6 سالا مهناز خاتون، 4 سالا مدد علي ۽ عارف علي شيخ کي گهر اندر رکيل وڏي پيٽيءَ ۾ بند ڪري ساهه ٻوساٽي مارڻ واري ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل مسمات منور خاتون زال مبين شيخ ۽ الطاف ولد الاهي بخش شيخ جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي گذري
ٻڌڻي دوران عدالت جوابدارن جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواست رد ڪندي ٻنهي جوابدارن کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو جن مان جوابدار مسمات منور خاتون شيخ کي سينٽرل جيل سکر ۽ جوابدار الطاف شيخ کي پوليس جي سخت پهري هيٺ سينٽرل جيل خيرپور اماڻيو ويو.
