9 مئي جي ڪيسن ۾ جوابدارن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو: چيف جسٽس
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس يحيٰ آفريدي 9 مئي سان لاڳاپيل ڪيسن جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته ٽرائل 4 مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جي فيصلي ۾ جوابدارن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو. سپريم ڪورٽ ۾ 9 مئي ڪيسن ۾ ضمانت رد ڪرڻ واري اپيل جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران، وڪيل لطيف کوسا 4 مهينن ۾ ٽرائل مڪمل ڪرڻ جي حڪم تي اعتراض ڪيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته ڇا ڪڏهن ٿيو آهي ته ٽرائل 4 مهينن ۾ مڪمل ٿيو هجي؟. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ريمارڪس ڏنا ته فاضل ڪائونسل کي اهو نه چوڻ گهرجي، دهشتگردي ايڪٽ عدالت ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي روزانو هلائڻ جو چوي ٿو. وڪيل چيو ته عدالت جو 4 مهينن جو حڪم ٽرائل کي خراب ڪندو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ٽرائل لاڳاپيل هاءِ ڪورٽ ۽ انتظامي جج جو معاملو آهي، ۽ سپريم ڪورٽ ٽرائل جي نگراني نه ڪندي. وڪيل لطيف کوسا چيو ته 9 مئي جا 500 ڪيس ۽ 24 هزار جوابدار مفرور آهن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته 4 مهينن ۾ ٽرائل مڪمل ڪرڻ جي فيصلي ۾ جوابدارن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو
