ڪراچي ۾ ڪنٽينر مسافر بس تي ڪري پيو، 10 ڄڻا فوت ڪيترائي زخمي

container-fell-on-coach1744694544-0-600x450

( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ڪرڪ انڊس هاءِ وي تي ٿيل خوفناڪ روڊ حادثي ۾ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا، حادثو ڪرڪ-سنڌو هاءِ وي تي درٻار هوٽل ويجهو پيش آيو، جتي ڪنٽينر مسافرن سان ڀريل ڪوچ تي ڪري پيو.

ميرانشاهه کان پشاور ويندڙ مسافر ڪوچ جي حادثي جي خبر ملندي ئي شهري، پوليس ۽ ريسڪيو 1122 جون ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون، ريسڪيو ٽيمن ڪنٽينر هيٺان ڦاٿل مسافرن کي بچائي ورتو جڏهن ته لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، حادثي جي 6 فوتين جي سڃاڻپ ڪئي وئي، ڪوچ ۾ 16 مسافر سوار هئا، جن مان 10 موقعي تي ئي فوت ٿي ويا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *