ڏهرڪي: فحاشي جو اڏو هلائڻ جو الزام عورت ممتا مينگهواڙ خلاف برادري جو احتجاج، ڪارروائي جو مطالبو
ڏهرڪي ( رپورٽر ) فحاشي جو اڏو هلائڻ جي الزام هيٺ عورت ممتا مينگهواڙ خلاف سندس ئي برادري جي ماڻهن پاران پريس ڪلب تي احتجاج ڪيو ويو، مظاهري ۾ شامل مردن ۽ عورتن الزام هنيو ته ممتا ميگهواڙ نه صرف فحاشي جو اڏو هلائي رهي آهي، پر ان سان گڏ سندس حرڪتن سبب سڄي برادري جي عزت ۽ نالي کي سخت ڌڪ رسيو آهي
مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ممتا جي گهر کي فحاشي جو مرڪز بڻايو ويو آهي، جتي شهر جي مختلف علائقن مان ماڻھو اچن ٿا، ڪيترائي ڀيرا کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر هن نه صرف بدڪاري جاري رکي پر ڌمڪيون به ڏيڻ شروع ڪيون
احتجاج ڪندڙن اختيارين کان گهر ڪئي ته هو معاملي جو نوٽيس وٺن، ممتا خلاف قانوني ڪارروائي ڪن ۽ فوري طور تي سندس اڏو بند ڪرايو وڃي، برادري جي ماڻهن چيو ته جيڪڏهن ممتا خلاف سخت قدم نه کنيا ويا ته هو احتجاج جو دائرو وڌائيندا
