غزه ۾ دهشتگرد اسرائيل جي بمباري ۾ 6 سڳن ڀائرن سميت وڌيڪ 37 ڄڻا اجل جو شڪار

gaza1744612413-0-600x450

( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) عرب ميڊيا موجب دهشتگرد اسرائيل جي هوائي حملي ۾ غزه جي دير البله علائقي ۾ راشن ورهائيندڙ 6 سڳا ڀائر مارجي ويا، شهيدن جي عمر 10 کان 34 سالن تائين هئي،

آچر تي ٿيل حملن ۾ 37 فلسطيني اجل جو شڪار ٿيا، غزه جي صحت واري وزارت موجب هن مهل تائين ڪل 50,944 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جڏهن ته غزه ميڊيا موجب، شهيدن جو انگ 61,700 کان وڌي ويو آهي

ڇاڪاڻ ته هزارين ماڻهو اڃا تائين ملبي ۾ ڦاٿل آهن، دهشتگرد اسرائيل اتر غزه ۾ الاهلي اسپتال کي به نشانو بڻايو، جنهن ۾ اسپتال جا ڪيترائي بلاڪ تباهه ٿي ويا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *