سنڌ کي اضافي پاڻي ڏنو پيو وڃي: آبپاشي کاتي پنجاب پاران ارسا کي خط

images

( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ذريعن موجب آبپاشي کاتي پنجاب جي ڊائريڪٽر ريگيوليش ارسا کي خط لکي الزام هنيو آهي ته سنڌ کي اضافي پاڻي ڏنو پيو وڃي، پنجاب جو پاڻي سنڌ ڏانهن وڃي رهيو آهي، پنجاب کي تونسا پنجند ۽ سي جي لنڪ ڪئنال به کولڻ نه ٿو ڏنو وڃي، ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي احسان لغاري پنجاب جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته ڪوٽڙي کان ڊائون اسٽريم ۾ ھن وقت رڳو 190ڪيوسڪ پاڻي اھو به پيئڻ جي لاءِ ڇڏيو پيو وڃي، ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي ڇوڙ تي اعتراض ماحولياتي نسل ڪشي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *