گجرخان ۾ شادي جو کاڌو کائڻ سبب 2 سئو کان وڌيڪ ماڻهو بيمار ٿي پيا
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) گجرخان ۾ شادي جي تقريب ۾ کاڌو کائڻ سبب 200 ماڻهو بيمار ٿي پيا، فوڊ اٿارٽي جي ترجمان موجب واقعي جي شروعاتي جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي، پروسيسنگ واري علائقي ۾ صفائي جا انتهائي خراب انتظام ٿيل هئا واٽر ٽينڪ ۾ واشروم جو پاڻي محسوس ٿيو
اتنظاميه موجب ڪيٽرنگ يونٽ کي بند ڪيو ويو جڏهن ته واقعي تي مالڪن مٿان هڪ لک جرمانو پڻ لڳايو ويو آهي، واقعي بعد فوڊ سيفٽي آفيسر واقعي جي بيمار ٿيندڙ ماڻهن سان ملاقات ڪئي، سڀني ماڻهن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي
