ڏهرڪي شهر جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي رهيا آهيون: ترجمان لنڊ گروپ
ڏهرڪي ( رپورٽ: اسد الله صادق لغاري ) لنڊ گروپ جي ترجمان ڊاڪٽر انعام لنڊ سان عظيم ڪالوني اتحاد جي اڳواڻن عبدالله راڄڙي، راجا فرخ اختر ۽ ٻين النور ھائوس تي ملاقات ڪئي ان دوران لنڊ گروپ جي ترجمان کي ڏهرڪي شهر جي مسئلن کان آگاهه ڪيو ويو
لنڊ گروپ جي ترجمان ڊاڪٽر انعام لنڊ ڳالهائيندي چيو ته لنڊ گروپ اڳ ۾ به ڏهرڪي جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري چڪو آهي، هاڻي به ڪوشش آهي ته ڏهرڪي شهر جا جيڪي به ڪم رهيل آهن اهي ڪرايا وڃن ان حوالي سان شهر جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي رهيا آهيون
هن چيو ته لنڊ گروپ ڏهرڪي ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن جنهن جو مثال ماضي ۾ ڪڏهن به نه ٿو ملي، پ پ ايم اين اي سردار مير خالد احمد خان لنڊ ۽ سردارزاده مير نور محمد خان لنڊ جي حڪم تي ڏهرڪي شهر ۾ تمام جلد ترقياتي منصوبن تي ڪم شروع ڪرايو ويندو
