چوهڙجمالي: شاهبندر تعلقي ۾ پاڻي جي کوٽ برقرار، جاندار اڃ مرڻ لڳا
چوهڙجمالي ( رپورٽ: سيف الله اوٺو ) شاهبندر تعلقي اندر پاڻي جي وارا بندي سبب شاخون سڪي ويون، انسان، جانور، جيت توڙي پکي پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آھن
شاھبندر تعلقي جي سمورين شاخن ستا واهه، گهارو واهه، ميرواهه، ڀورا واهه، قادريا واهه، ماڇڪي نالي، رتول نالي سميت ۽ ٻين شاخن ۾ واري اڏامڻ لڳي، ساحيلي پٽي ۾ پاڻي جي کوٽ سبب پوکيل سبزيون، ڪڻڪ، ووئنڻن سميت ٻيا فصل سڪڻ لڳا
سمنڊ ويجھو هئڻ ڪري علائقي جو جر به کارو ٿي ويو، نلڪا ذهريلا بڻجي ويا، شاخن ۽ واھن ۾ پاڻي نھ هئڻ ڪري جاندار پکي پکڻ ڏيڏر ۽ جيت جڻا پڻ اڃ مرڻ لڳا
