ڪئنال ٺهيا ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي سڪي ويندو ۽ سنڌ بنجر بڻجي ويندي: عبدالخالق قادري

unnamed

شڪارپور ( رپورٽ: عاشق ڪلهوڙو ) درگاهه ڀرچونڊي شريف جي سجاده نشين ۽ جماعت اهل سنت پاڪستان جي مرڪزي امير پير ميان عبدالخالق قادري شڪارپور ڀرسان غوث الاعظم ڪانفرنس و عرس مبارڪ مفتي اعظم ۾ شرڪت ڪئي

ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان مرڪزي جماعت اھلسنت پاڪستان طرفان غير قانوني نڪرندڙ 6 ڪيئنالن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، تڪراري ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي

هن وڌيڪ چيوته ڪئنال ٺهيا ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي سڪي ويندو ۽ سنڌ بنجر بڻجي ويندي، تڪراري ڪئنالن وارو منصوبو فوري طور تي روڪيو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *