پاڪستان سميت مختلف ملڪن ۾ اڄ گلابي چنڊ نظر ايندو
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) فلڪيات جي ماهرن موجب، گلابي چنڊ هر سال بهار جي شروعات ۾ نظر ايندو آهي، پاڪستان ۾ گلابي چنڊ جو نظارو 9:08 تي ڏسي سگهبو
فلڪيات جي ماهرن موجب گلابي چنڊ سموري رات آسمان ۾ چمڪندو رهندو ۽ چنڊ لهڻ وقت ان کي ڏسڻ راحت بخشيندڙ لمحو آهي
ماهرن جو چوڻ آهي ته سج لهڻ وقت چنڊ ٿورو وڏو ۽ روشن نظر ايندو، جڏهن ته ان کان بعد مڪمل چنڊ 12 مئي تي فلاور مون جي نالي سان ڏٺو ويندو
