ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان

taza tareen - Copy

( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي اگهن ۾ مسلسل گهٽتائي کانپوءِ پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ، حڪومت عوام کي رليف فراهم ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي، پر قيمتن ۾ گهٽتائي جا صحيح انگ اکر اڃا تائين حتمي نه آهن،

ذريعن موجب 16 اپريل 2025 کان پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 12 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي ، پيٽرول جي قيمت 254.63 رپيا في ليٽر کان گهٽجي 242 رپيا في ليٽر ٿيڻ جو امڪان آهي.

ان کان علاوه ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي سطح تي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي کانپوءِ ڊيزل جي قيمت ۾ به گهٽتائي جو امڪان آهي ، جنهن جي قيمت 258.64 رپيا في ليٽر کان گهٽجي 250 رپيا في ليٽر ٿيڻ جو امڪان آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *