سنڌ ۾ مليريا تيزي سان پکڙجڻ لڳو، 16 هزار 7 سئو کان ڪيس رپورٽ
ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) صحت کاتي موجب پهرين جنوري کان 11 اپريل تائين سنڌ ۾ مليريا جا 16,733 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته جنوري کان 11 اپريل تائين ڪراچي مان مليريا جا 186 ڪيس رپورٽ ٿيا،
صحت کاتي موجب، مليريا جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس ڪراچي جي ڏکڻ ضلعي مان 72 ڪيس رپورٽ ٿيا، ملير ضلعي مان 62، اولهه ضلعي مان 29، ڪورنگي ضلعي مان 16، اوڀر ضلعي مان 5، وچ ضلعي 2 مان ڪيس رپورٽ ٿي چڪا
اهڙي طرح حيدرآباد ڊويزن مان مليريا جا 6,596 ڪيس، سکر ڊويزن مان مليريا جا 1,549، لاڙڪاڻي ڊويزن مان 5,136، ميرپورخاص ڊويزن مان 1,282 ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن مان مليريا جا 1,984 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن
