ريتي: ڳوٺ صوبدار شر تي پوليس جي چڙهائي، مبينا جوابدارن جا گهر ڊاهي پٽ

WhatsApp Image 2025-04-12 at 13.58.27_3aa03e50

ريتي ( رپورٽ: صدام ملڪ ) ڄام مھتاب ڏھر حملي ڪيس ۾ شڪ جي  بنياد تي  جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ صوبدار شر تي چڙهائي ڪري الياس شر ۽ نظير شر جي گھرن ڊاھي پٽ ڪيو ويو، ڳوٺاڻن جو پوليس جي اھڙي عمل خلاف احتجاج

 ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالقادر سمورو ايس ايڇ او کينجھو ڄام قاسم مرڻاس جي اڳواڻي ۾ 10 کان وڌيڪ پوليس موبائيلون 2 بڪتربند گاڏيون ۽ پوليس جي وڏي نفري ساڻ ڪري ڳوٺ صوبدار شر ۾ چڙھائي ڪري گھر ڊاھي پٽ ڪيا ويا پر پوليس کي ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي

ٻئي پاسي ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته پوليس اسان جا گھر ڊاھي پٽ ڪيا پر ڪيس ۾ اسين ملوث ناھيون، پوليس اسان جو چوپايو مال ڪڻڪ  لوهه ۽  گھر ۾ پيل قيمتي سامان کڻي وئي آھي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *