ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز پشاور زلمي کي 80 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي
( اسپورٽس نيوز ) ڪراچي ۾ کيڏيل ميچ ۾ پشاور زلمي ٽاس کٽي پهرين بالنگ جو فيصلو ڪيو، ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 216 رنسون ٺاهيون.
ڪوئيٽا لاءِ ڪپتان سعود شڪيل ۽ فن ايلن 88 رنسن جي پارٽنرشپ ڪئي. سعود شڪيل 59 ۽ فن ايلن 53 رنز ٺاهيون،
حسن نواز 41، ڪوشل مينڊس 35 ۽ رائلي روسو 21 رنسون ٺاهيون.
پشاور زلمي طرفان علي رضا، سفيان مقيم ۽ يوسف هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
217 رنسن جي هدف جي جواب ۾ پشاور زلمي جي ٽيم صرف 136 رنسون ٺاهي سگهي.
زلمي طرفان صائم ايوب 50، حسين طلعت 35 ۽ مچل اوون 31 رنز ٺاهي نمايان رهيا.
يارهين اوور ۾ پوري زلمي ٽيم 136 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ڪوئيٽا پاران ابرار احمد 4، محمد عامر ۽ عثمان طارق 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون.
