سيتاروڊ: ٻارن جي ڳالهه تان ٻن ڀائرن سميت 3 ڀاتي قتل

01-5

سيتاروڊ ڳوٺ نظام آباد ڀرسان جتوئين جي ڳوٺ ۾ جهيڙو ٿي پيو. نتيجي ۾ مهمان ٿي آيل 35 ورهين جو علي اڪبر بڙدي ۽ ٻن ڀائرن ماجد علي ۽ اختيار علي سميت 3 ڄڻا قتل ۽ هڪ ڄڻو دائود اسلام جتوئي پٺاڻ زخمي ٿي پيو. زخمي دائود اسلام ۽ فوتي علي اڪبر بڙدي جو لاش سيتاروڊ سرڪاري اسپتال آندو ويو، جڏهن ته ٻن ڄڻن جا لاش ڪيتري ئي دير تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيا. زخمي دائود اسلام علاج دوران سيتاروڊ سرڪاري اسپتال ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ٻارن جي معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿيو آهي. جنهن تان منهنجي مامي خالد جتوئي سندس ٻن پٽن احسن ۽ منصور اسانجي ڌر جا 3 ڄڻا قتل ڪيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *