فلسطيني عوام سان يڪجهتي طور سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ريليون ۽ ڌرڻا
( نمائندن وٽان ) مظلوم فلسطيني عوام سان يڪجهتي طور سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ احتجاج ڪيا ويا آهن، ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪي ٽي بندر کان ڪارونجهر تائين ريليون ڪڍيون ويون آهن، احتجاجن جو سلسلو اڄ بعد نماز جمع شروع ٿيو جيڪو سڄو ڏينهن جاري رهيو، ان موقعي تي سنڌ جي مختلف شهرن مٽياري، ڀٽ شاهه، سجاول ۽ ٻين شهرن سميت سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون مطالبو ڪيو ويو ته مظلوم فلسطيني عوام تي ٿيندڙ ظلم ۽ بربريت روڪرائي وڃي
