ٺري ميرواهه جي صحافي اي ڊي شر جي بيرحماڻي قتل خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاج
( نمائندن وٽان ) ٺري ميرواهه ڀرسان هنڊياري ۾ ڪهاڙين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪيل خانگي ٽي وي چئنل جي رپورٽر سينيئر صحافي اي ڊي شر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ اوٻاوڙو، ڪشمور، نوشهروفيروز، ڏهرڪي، خيرپور، ڪنڊيارو، سکر سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافي سراپا احتجاج بڻيل آهن
ڏهرڪي ۾ قلم ڌڻين صحافي اعظم سهرياڻي، عمران آصف نيازي، صادق لغاري، قاضي اگن شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جو هڪ ڪلوميٽر گشت ڪري جامع مسجد چوڪ تي ڌرڻو هنيو
اوٻاوڙو ۾ نيشنل پريس ڪلب جي صحافين گل محمد پنهور، غلام قمبر بوهڙ، فيض الله سميجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي
ڪشمور: صحافي بخت چاچڙ، منير شر، شير باز کوسو، اقرار گل فراس، علي نواز کوسو، نديم ملڪ، وزير چنه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو
نوشهروفيروز ۾ يونس راڄپر، ايم ظفر تڳر، عادل عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي
خيرپور ۾ پريس ڪلب جي صدر غلام قادر سومرو، سرپرست اعليٰ خان محمد خان، ثناءُالله ميمڻ، فاتح ميراڻي، شاھد سيال ۽ ٻين اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو
ڪنڊيارو ۾ رانا افتخار احمد، جميل سرگاڻي، عبدالحڪيم خشڪ، اسرار احمد جي اڳواڻي ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو ويو
ان موقعي تي قلم ڌڻين ڳالهائيندي چيو ته گذريل رات ٺري ميرواهه ۾ صحافي اي ڊي شر کي ڪهاڙين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪيو ويو، سنڌ اندر حق سچ جي آواز کي بلند ڪندڙ صحافين کي بيدردي سان چونڊي چونڊي قتل ڪيو پيو وڃي، قانون لاڳو ڪندڙ اداره قلم ڌڻين کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن هنن مطالبو ڪيو ته صحافي اي ڊي شر جي قاتلن کي گرفتار ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي
