خيرپور: ٺري ميرواهه ۾ شهيد صحافي اي ڊي شر جو مڙهه رکي احتجاج
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) ٺري ميرواهه ۾ صحافي اي ڊي شر کي ڪهاڙيون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف صحافين، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي طرفان مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي مقتول صحافي جو مڙهه رکي ڌرڻو هنيو ويو آهي
ڌرڻي سبب سکر، خيرپور، نواب شاهه ۽ ڪراچي ويندڙ مهراڻ نيشنل هاءِ وي مڪمل طور تي ٻنهي طرفن کان بند پيل آهي ۽ گاڏين جون وڏيون قطارون لڳي ويون آهن
ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته صحافي اي ڊي شر جي بي رحماڻي قتل واري واقعي کان هن وقت تائين پوليس جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو، پوليس جوابدارن جي گرفتاري جا سکڻا آسرا ڏئي رهي آهي، شهيد صحافي اي ڊي شر قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي
