خيرپور: سول اسپتال ۾ مريض فوت، وارثن پاران ڊاڪٽرن تي لاپرواهي جو الزام

WhatsApp Image 2025-04-10 at 11.50.38_4cb048e9

خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) ڪنب جي رهواسي انور حسين ڀٽي کي بلڊ پريشر جي تڪليف سبب سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو جتي هو فوت ٿي ويو

ان موقعي تي فوتي انور حسين ڀٽي جي وارثن احتجاج ڪندي اسپتال جي ڊاڪٽرن مٿان لاپرواهي جو الزام مڙهيو آهي

فوتي جي وارثن چيو ته ڪنب اسپتال جي  ڊاڪٽرن انور حسين ڀٽي کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪرڻ جو مشورو ڏنو جنهن بعد سول اسپتال خيرپور پهتاسين پر ڊاڪٽرن ۽ عملي جي لاپرواهي سبب اسان جو همراهه فوت ٿي ويو

هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي لاپرواهي جو مظاهرو ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *