جوتا لڪائڻ واري رسم ۾ رقم نه ڏيندڙ گهوٽ کي ڪنوار جي ڀاتين جو ڪٽڪو

400803_3267805_updates

( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) شادي تقريب ۾ جوتا لڪائڻ واري رسم دوران گهربل رقم نه ملڻ تي ڪنوار جي ڪٽنب گهوٽ کي ڪٽڪو ڏئي ڇڏيو

ڀارتي ميڊيا موجب، اتر پرديش رياست جي بجنور ضلعي ۾ هڪ شادي جي تقريب ٿي جتي خوشي واري تقريب جو ماحول تڏهن خراب ٿيو جڏهن جوتا لڪائڻ واري تقريب دوران ڪنوار جي والدين گهوٽ کان رقم جي ڊيمانڊ ڪئي جيڪا گهوٽ پوري نه ڪئي

ميڊيا رپورٽ موجب گهوٽ محمد شبير جو تعلق ڀارت جي اتراکنڊ رياست سان آهي ۽ هو پنهنجي ڄڃ وٺي ضلعي پجنور ويو، جتي جوتا لڪائڻ واري رسم ۾ ڪنواريتن گهوٽ کان 50 هزار رپيا گهر ڪئي پر گهوٽ 5 هزار رپيا ڪڍي ڏنا جنهن تي ڪنوار جي ڪٽنب گهوٽ کي ڪٽڪو ڏنو

جڏهن ته ڪنوار جي خاندان جي ڪجهه عورتن گهوٽ کي فقير قرار ڏنو، جنهن تي جهيڙو ايترو وڌي ويو جو ڪنوار جي ڪٽنب گهوٽ کي ڪمري ۾ بند ڪري لٺين سان ڪٽڪو ڏئي ڇڏيو  

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *