ڪراچي بار جي صدر عامر وڙائچ تي ٿيل حملي خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاج، عدالتي ڪاروائين جو بائڪاٽ

WhatsApp Image 2025-04-09 at 17.00.03_fa6cc5c4

( نمائندن وٽان ) ٺل ڏهرڪي، ميرپورماٿيلو، نوشهروفيروز، ڪراچي، سجاول، سکر، لاڙڪاڻو، ٽنڊوالهيار ۽ ٻين شهر ۾ بار جا وڪيل سراپا احتجاج بڻيل آهن،

ڏهرڪي ۾ بار جي وڪيلن بار جي صدر ايڊووڪيٽ ڄام عبدالفتاح سميجو، چوھدري شاھد، غلام رسول مھر، سليم اختر ملڪ ۽ ٻين اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي عدالتي ڪاروائين جو بائڪاٽ ڪيو

ٽنڊوالهيار ۾ صدر بار اغيث اسلام، اختر لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو

ميرپورماٿيلو ۾ وڪيل اويس پتافي، راشد علي شر، شمس الدين ڪوڀر، علي مراد ملاڻو ۽ ٻين اڳواڻ ڌرڻو هنيو ويو

سجاول ۾  بار جي صدر سجاد خواجه جي اڳواڻي ۾ بار جي وڪيلن احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي

ٺل ۾ به ڪراچي جي وڪيل اڳواڻ تي حملي خلاف احتجاج ڪيو ويو احتجاج جي اڳواڻي ياسر کوسو ۽ ٻين ڪئي

ان موقعي تي مظاهرين چيو ته ڪراچي بار جي صدر ايڊووڪيٽ عامر وڙائچ تي حملو  ڪري ان کي ڪئنالن خلاف هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، حملا اسانکي جدوجھد تان ھٽائي نه سگھندا، ڪينالن خلاف اسان جي جدوجھد جاري آھي ۽ جاري رھندي، هنن چيو ته ڪراچي بار جي صدر تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *