پي ايس ايل لاءِ پرڏيهي رانديگرن جي آمد جو سلسلو جاري، وارنر به ڪراچي پهچي ويو
( اسپورٽس نيوز ) پرڏيهي رانديگرن ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي اسڪواڊ ۾ شامل ٿيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، شان ايبٽ، ڪائل جيميسن، عقيل حسين ۽ فن ايلن پاڪستان پهتا،
رائلي روسو اڳ ئي ٽيم ۾ شامل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ڪوسل مينڊس خميس تي پاڪستان پهچندو. ٻئي طرف آسٽريليا جو ڊيوڊ وارنر ڪنگز جي قيادت سنڀالڻ لاءِ ڪراچي پهتو،
بنگلاديش جو لٽن داس به ڪراچي ڪنگز ۾ شامل ٿي چڪو، ٽم سيفرٽ به ڪراچي ڪنگز جي اسڪواڊ ۾ شامل ٿيو، جڏهن ته انگلينڊ جو ٽام ڪوهلر-ڪيڊمور پڻ پاڪستان پهچي ويو آهي ۽ اسلام آباد ۾ پشاور زلمي جي اسڪواڊ ۾ شامل ٿيندو
ڊيوڊ ويلي، ڪرس جارڊن ۽ جوش لٽل به گذريل رات ڪراچي پهتا، شائي هوپ ۽ مائيڪل بريس ويل خميس تي پاڪستان پهچندا
ياد رهي ته پي ايس ايل سيزن 10 جمعي تي شروع ٿيندو.
