خيرپور: پوليس جي ڪاروائي قتل ۾ گهربل 3 جوابدار سوگها، ڪيس داخل

WhatsApp Image 2025-04-09 at 21.24.45_eac83bfd

خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) پوليس ڪاروائي ڪري ڪجهه ڏينهن اڳ قتل ٿيل مقتول اسلم خاصخيلي جي قتل ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري ورتو

پوليس موجب شاهه لطيف ٿاڻي جي ايس ايڇ او صدام حسين بلو ڪاروائي ڪري محمد اسلم خاصخيلي جي قتل وارو معاملو حل ڪندي پوليس ٽيم جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان قتل ۾ ملوث جميل عرف وڪي سومرو، واجد پٺاڻ ۽ علي مراد رڏ کي گرفتار ڪري ورتو

پوليس موجب گرفتار جوابدار جميل عرف وڪي مقتول محمد اسلم جو ويڳو ڀاءُ آهي سمورن جوابدارن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪري ورتو آهي

ياد رهي ته گرفتار جوابدارن گهريلو اڻبڻت تان مقتول محمد اسلم خاصخيلي کي رسين سان گهٽا ڏئي قتل ڪيو هو

ٻئي طرف ڊي آءِ جي سکر طرفان ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو کي ڪامياب ڪاروائي تي شاباش ۽ پوليس ٽيم لاءِ ايوارڊ جو اعلان ڪيو آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *