آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، قومي رانديگر بابر اعظم جو ٻيون نمبر
( اسپورٽس نيوز ) ون ڊي رينڪنگ ۾ ڀارت جو شبمن گل پهرين نمبر تي برقرار، جڏهن ته پاڪستان جو بابر اعظم ٻئي نمبر تي موجود، روهت شرما جو ٽيون، آفريڪي رانديگر هينري ڪلاسن جو چوٿين ۽ ورات ڪوهلي جو پنجون نمبر
قومي ٽيم جو ڪپتان محمد رضوان ٻه درجا ترقي ڪري 21 هين نمبر تي اچي ويو، جڏهن ته فخر زمان ٻه درجا هيٺ لهي 23 هين نمبر تي اچي ويو
سريلنڪا جو مهيش ٿيڪشانا ون ڊي بالرن ۾ پهرين نمبر تي موجود، ڀارت جو ڪلديپ ياديوو ٻئين نمبر تي برقرار آهي، افغانستان جو راشد خان هڪ درجو ترقي ڪري پنجين نمبر تي اچي ويو. نيوزي لينڊ جو مچل سينٽنر ٻه درجا هيٺ لهي ڇهين نمبر تي اچي ويو آهي
شاهين آفريدي هڪ درجو هيٺ لهي 12 هين نمبر تي اچي ويو، جڏهن ته حارث رئوف ٻه درجا هيٺ لهي 24 هين نمبر تي اچي ويو آهي
افغانستان جو عظمت الله عمر زئي ون ڊي آل رائونڊرن ۾ پهرين پوزيشن تي برقرار آهي.
