گڊو بئراج وٽان پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ، 24 ڪلاڪن دوران 42 سئو ڪيوسڪ اضافو رڪارڊ
ڪشمور ( رپورٽ: اقرار گل فراس ) آبپاشي کاتي پاران 24 ڪلاڪن ۾ گڊو بيئراج وٽ 42 سئو ڪيوسڪ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، گڊو بئراج جي ترجمان موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 26 ھزار 117 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانھون وھڪرو 26 ھزار 117 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، هوڏانهن سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 18 ھزار 810 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانھون وھڪرو 6 ھزار 190 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، ٻئي پاسي گڊو بئراج مان نڪرندڙ سڀئي ڪينال بند ڪيا ويا آهن
