ڪڪڙ ويجھو آئل ٽينڪر موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، 2 عورتون فوت

09

( بيورو رپورٽ ) ڪڪڙ پيارو لنڪ روڊ تي تيز رفتار آئل ٽينڪر جو موٽرسائيڪل سوارن کي ٽڪر لڳو نتيجي ۾ 25 ورھين جي مسمات شهناز شاھه زال مختيار علي ۽ 17ورھين جي بيبي بشيران ڌي سيد جڙيل شاهه فوت ٿي ويون، جڏھن ته نوجوان سيد حسين شاھه سخت زخمي ٿي پيو، ڪڪڙ پوليس فوتي عورتن جا لاش ۽ زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪي اين شاهه اسپتال منتقل ڪيو

اسپتال مان فوتي عورتن جا مڙهه ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، فوتي عورتن جا مڙهه گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو، هوڏانهن ڪڪڙ پوليس جاءِ واردات تي پهچي آئل ٽينڪر کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *