چين جي جوابي ٽيرف تي ٽرمپ جو سخت جواب، وڌيڪ 50 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪي

trump

آمريڪي صدر خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن چين سڀاڻي تائين ٽيرف ۾ ڪيل واڌارو واپس نه ورتو ته آمريڪا 9 اپريل کان چين تي 50 سيڪڙو اضافي ٽيرف لاڳو ڪندو

صدر ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته چين اڳ ۾ ئي رڪارڊ ٽيرف، غير مالي ٽيرف، غير قانوني سبسڊيز ۽ ڪرنسي جي هيراڦيري جهڙا طريقا اختيار ڪري چڪو آهي، ۽ هاڻي چين اضافي 34 سيڪڙو جوابي ٽيرف لاڳو ڪيو آهي.

هن واضح ڪيو ته مون اڳ ۾ ئي خبردار ڪيو آهي ته ڪو به ملڪ جيڪو آمريڪا خلاف اضافي ٽيرف لاڳو ڪندو، ان کي فوري طور تي وڌيڪ ۽ سخت آمريڪي ٽيرف جو منهن ڏسڻو پوندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *