”سڪندر“ جي ناڪامي تي ڏکايل مداحن جي سلمان خان ملاقات، کيس شاهه رخ خان وانگر ڪجهه ڪرڻ جو مشورو
( شوبز نيوز ) تازو عيد تي رليز ٿيل سلمان خان جي فلم ”سڪندر“ باڪس آفيس تي بري طرح ناڪام ٿي آهي، سلمان خان جي فلم ”سڪندر“اڃا تائين 100 ڪروڙ جو انگ به پار ڪري نه سگهي
سلمان خان به فلم جي ناڪامي تي پريشان آهي، جڏهن ته فلم جي ناڪامي کان پوءِ سلمان خان جا مداح به ساڻس ملڻ لاءِ سندس گهر پهتا، جتي انهن هڪ ڪلاڪ ڊگهي ملاقات ڪئي، ملاقات 5 اپريل تي گليڪسي اپارٽمينٽس ۾ ٿي
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، سلمان ۽ سندس ٽيم به ملاقات ۾ موجود هئي، ۽ مداحن ”سڪندر“ فلم بابت پنهنجي ناراضگي جو کليل اظهار ڪيو
