راڻيپور: صحافتي اصول جي عنوان تحت سيمينار ۽ ايوارڊ تقريب منعقد

WhatsApp Image 2025-04-07 at 12.07.22_1409eb6b

راڻيپور ( رپورٽ: عنايت سهتو ) سنڌ ايجو ڪيشنل فورم ۽ سنڌ پريس ڪلب راڻيپور طرفان ڊجيٽل ميڊيا جي اهميت ۽ صحافتي اصول جي عنوان تحت سيمينار ۽ ايوارڊ تقريب منعقد ڪئي وئي، سيمينار جي صدارت بهترين مير صوبدار سعيد ڪئي، جڏهن ته النسا ويلفيئر چيئرمين ميڊم شاهده ڀيلار، سنڌ ايجوڪيشنل فورم جي چئيرمين ظهير لاڙڪ مهمان خاص طور شرڪت ڪئي

سيمينار کي خطاب ڪندي مقررين چيو ته ميڊيا ملڪ جو چوٿون ٿنڀ آهي جنهن ڪري ميڊيا جو ملڪ جي بقا ۽ سالميت لاءِ بهترين ڪردار رهيو آهي، هن وقت اسان ڊجيٽل ميڊيا جي دور ۾ داخل ٿي چڪا آهيون جنهن ڪري هڪ صحافي جي خبر هڪ سيڪنڊ ۾ پوري دنيا ۾ ڦهلجي وڃي ٿي ان ڪري خبر لکڻ وقت هر صحافي کي تمام گهڻو سوچ ويچار ڪرڻ گهرجي ۽ خبر جا سڀئي رخ جانچڻ بعد ڊجيٽل ميڊيا تي پهچائي ته بهتر ٿيندو

ان موقعي تي نديم شيخ، گل حسن چانڊيو، سيد پياس شاهه، رضا راڄپر، وحيد ڄامڙو، ساجد انصاري، ناز منگي، نذير سولنگي، فقير محمد عباسي، سيد حسنين شاهه، محمد عظيم نوناري، عاجز امتياز نوحپوٽو، هريش ڪمار، فياض راڄپر، جميل احمد کي صحافتي خدمتن عيوض مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا

تقريب ۾ شيرگل ڄامڙو، ظفر چوھاڻ، هدايت الله وساڻ، نبي بخش سولنگي، لطيف ڏنو سومرو، آغا انور عباسي، عيدالقيوم انصاري، غلام باقر سولنگي کي ايپريشيئيٽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا

تقريب ۾ ظفر خاصخيلي، جنسار ڄامڙو، بهادر ڄامڙو، عنايت الله سهتو، اشرف تماچي، قلندر بخش ڄامڙو، پيار لاشاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جڏهن ته سنڌ پريس ڪلب راڻيپور طرفان آيل مهمانن کي اجرڪن ۽ ٽوپين جا تحفا پيش ڪيا ويا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *