موهن جو دڙو: گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول جي شاگردياڻين ۾ انعام ورهايا ويا
موهن جو دڙو ( رپورٽ: حبيب الرحمان ميمڻ ) گرلس هائر سيڪنڊري اسڪول ۾ ڇهين ڪلاس کان اٺين ڪلاس تائين پوزيشن ماڻيندڙ شاگردياڻين ۾ انعام ورهايا ويا، گرلس هائر سيڪنڊري اسڪول جي پرنسپال تهمينه ڪورائي، نفيسه نور بخاري انعام ورهائڻ جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي، تقريب ۾ ڊي اي او سيڪنڊري گلبهار مگسي، سي ايم او شازيه گل جوکيو، ٽي اي او ممتاز تنيو، ٽي اي او جاويد علي ۽ ٻين شرڪت ڪئي
ان موقعي تي پرنسپال تهمينه ڪورائي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارڙن کي سٺي تعليم ڏني پئي وڃي، پهريون دفعو گرلس هائر سيڪنڊري اسڪول انتظاميا پاران سالياني امتحانن ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردياڻين کي انعام ڏئي حوصلا افزائي ڪئي وئي آهي، اهڙا پروگرام ٿيڻ سان شاگرد ۽ شاگردياڻيون وڌ کان وڌ پوزيشن حاصل ڪرڻ لاءِ محنت ڪندا
