ڪشمور ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان زخمي
ڪشمور ( رپورٽ: نديم ملڪ ) ماڇڪو جي ميهر شاهه قبرستان ڀرسان نوجوان کي پنهجي ئي برادري جي ماڻهن گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، نوجوان عمران سولنگي گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو
زخمي نوجوان جي والد جانب سولنگي ميڊيا کي ٻڌايو ته پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن فائرنگ ڪري مھنجي پٽ کي زخمي ڪيو آهي، پراڻي تڪرار تان هلندڙ مسئلي ۾ بار بار چڱن کي چيو پر ٻي ڌر فيصلو نه ڪيو
