ڪنڊيارو: نوجوان روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو
ڪنڊيارو ( رپورٽ: عبدالوحيد چنا ) ڳوٺ جيئو گهانگهرو واسي نوجوان شاهد گهانگهرو روهڙي ڪئنالن ريگيوليٽر ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي، مقامي ٽوٻن پاران نوجوان جي لاش جي ڳولا جاري، ساڳي ئي نوجوان هڪ ڏينهن اڳ به ان ئي هنڌ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن کي مقامي ماڻهن بچائي ورتو هو
