بالي ووڊ اداڪارا جيڪولين فرنينڊس جي ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي
ڀارتي ميڊيا موجب، اداڪاره جيڪلين جي والده ڇنڇر جي رات ممبئي جي ليلاوتي اسپتال ۾ زندگيءَ جا آخري لمحا گذاريا، جيڪلين فرنينڊس جي والده ڪِم فرنينڊس کي 24 مارچ تي دل جو دورو پيو هو، جنهن کان پوءِ کيس اسپتال داخل ڪرايو ويو هو
جيڪلين فرنينڊس پنهنجي والده جي آخري لمحن ۾ پنهنجي والده سان گڏ هئي، ان ئي ڪري اداڪارا جيڪلين فرنينڊس گذريل مهيني آئي پي ايل جي افتتاحي تقريب ۾ پرفارم ڪرڻ کان معذرت به ڪئي هئي
