شهيد ستن ڪمار جي فرزند جسبير ڪنگر جي نيوز نائو ايڇ ڊي سان ڳالهه ٻولهه

WhatsApp Image 2025-04-07 at 16.10.25_014b96ba

ڏهرڪي ( رپورٽ: اسد الله لغاري ) ٽئي سال اڳ بيدردي سان قتل ڪيل ستن ڪمار جي فرزند جسبير ڪنگر ڏهرڪي ۾ نيوز نائو ايڇ ڊي سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڏينهن اسان پنهنجي زرعي زمين تي لابارو ڪرڻ وياسين ته سئو کان ڏيڍ سئو ماڻهن هٿيارن سان اچي اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اسان کي فصل کڻڻ کان روڪيو، مهر برادري جي بااثرن وچ شهر ۾ اچي دهشتگردي ڪئي، 22 ايڪڙ زرعي زمين سال 2000ع کان اسان وٽ آهي ۽ شهر واسين کي به خبر آهي ته ان تي فصل راهيندا ۽ کڻندا پيا اچون، پر مهر برادري جا بااثر اسان کي هيسائڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪندي اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا

هن چيو ته منهنجي بابا ستن ڪمار کي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪيو ويو ان جو به اسان کي انصاف ناهي ملي سگهيو پر ويتر اسان جي ملڪيتن  تي قبضا خورن نظرون وجهي ويٺل آهي،

جسبير ڪنگر جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جي زمين تي قبضو ڪندڙ بااثر چون ٿا ته ڄاڻايل زمين 22 ايڪڙ شهيد ستن ڪمار کان خريد ڪئي، 2015 کان هن مهل تائين مهر برادري جا بااثر خاموش ويٺا رهيا، جڏهن اسان جي بابا کي شهيد ڪيو ويو ان بعد مهر برادري جا ماڻهو خريدار بڻجي دعويدار ٿيا آهن

هن چيو ته 22 ايڪڙ زرعي زمين اسان ننڍن جي نالي آهي اسان جي ڪنهن به وڏي جي نالي ناهي ٿيل، اسان جي ملڪيت جا کاتا ۽ رجسٽريون اسان وٽ پيل آهن

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سول جج ڏهرڪي جي عدالت ان زمين جي ڪيس جو فيصلو پڻ اسان جي حق ۾ ڏنو آهي ان باوجود به بااثر هٿيار کڻي اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن

هن جو چوڻ هو ته بااثر شهمير مهر، بشير مهر، ٻروچ مهر، مير محمد، نورو ۽ ٻيا اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ اسان کي حراسان ڪري رهيا آهن، اختياريون ان مامري جو نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪن، ۽ منهنجي والد شهيد ستن ڪمار جي قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏئي اسان سان انصاف ڪيو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *