ڀٽ شاهه: قومي شاهراهه تي ڪڻڪ جي فصل کي اوچتو باهه
ڀٽ شاهه ( رپورٽ: جمن چوهاڻ ) باهه لڳڻ ڪري 4 کان 5 ايڪڙن تي مشتمل ڪڻڪ جو فصل سڙي رک ٿي ويو، ڳوٺ لائق ڏنو فقير ڀرسان زميندار عبدالمجيد ملڪ جي ڪڻڪ جي فصل کي اوچتو باهه لڳي جنهن ڪري لکين روپين جو نقصان ٿيو، ڳوٺاڻن ۽ هارين پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، اطلاع باوجود فائربرگيڊ عملو واقعي واري هنڌ نه پهتو
