کينجهو: نيوز نائو تي خبر نشر ٿيڻ بعد انتظاميه باهه متاثرن وٽ پهچي وئي

WhatsApp Image 2025-03-28 at 19.09.58_30cef26f

کينجهو ( رپورٽ: عبدالغفار شر ) ڳوٺ محمد نواز اعوڻ ۾ باهه لڳڻ ڪري ٽن پورهيتن جا گهر مڪمل طور تي سڙي ويا، اهڙي خبر نشر ٿيڻ بعد ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي جي هدايت تي مختيارڪار ڏهرڪي اشرف پتافي متاثرن وٽ پهتو ۽ سهائتا ڪئي

مختيارڪار اشرف پتافي باهه متاثر وريام لغاري، نور محمد لغاري، پپو اعواڻ سميت ٻين کي 15 کان وڌيڪ ٽينٽ ۽ راشن ورهائي ڏنو

ان موقعي تي مختيارڪار ڏهرڪي اشرف پتافي جو چوڻ هو ته نيوز نائو ايڇ ڊي تي خبر نشر ٿيڻ بعد ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي مامري جو نوٽيس ورتو ۽ تعلقي انتظاميه کي هدايت ڪئي ته متاثرن جي سهائتا ڪئي وڃي، جنهن بعد هتي پهچي متاثرن ٽينٽ ۽ راشن تقسيم ڪيو آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *