کينجهو: ڳوٺ محمد نواز ۾ چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب 10 گهرن کي باهه

WhatsApp Image 2025-03-28 at 11.59.41_af764f09

کينجهو ( رپورٽ: عبدالغفار شر ) ڳوٺ محمد نواز ۾ چلھه مان چڻنگ اٿڻ سبب 10 پورھيتن جا گھر سڙي رک ٿي ويا، باهه متاثرن ۾ پورھيت غلام فريد، غلام نبي، وريام لغاري، نورمحمد لغاري، حاجي لغاري ۽ ٻيا شامل آھن

باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺاڻن جون 8 ٻڪريون 2 مينھون نياڻين جو ڏاج ۽ 2 موٽرسائيڪلون سڙي ويون، فائربرگيڊ عملي کي اطلاع ڏيڻ باجود عملو نه پھتو، ڳوٺاڻا پنھنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آھن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *