خيرپور ۾ يوم القدس جي سلسلي ۾ ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) شيعا علماءِ ڪائونسل ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي وڪيل برداري پاران ڌار ڌار ريليون ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو
شيعه علماءِ ڪائونسل جي ريلي مطهر زيدي، محسن نقوي، ظهور روحاني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ امام بارگاهه قصر حسيني کان ڪڍي وئي، جڏهن ته ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن طرفان سيد جعفر شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊسٽرڪٽ بار کان ريلي ڪڍي وئي
ريلين ۾ فلسطيني مسلمانن جي حمايت ۽ اسرائيل جي مخالفت ۾ نعريبازي پڻ ڪئي وئي، اڳواڻن چيو ته يوم القدس ڪو عام ڏينهن ناهي، يوم القدس ظالم خلاف للڪار ۽ مظلوم جي فرياد جو ڏينهن آهي، اڄ جي ڏينهن تي اسين ان عزم کي ورجايون ٿا ته فلسطين سميت سموري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ مسلمانن جي حمايت جاري رکنداسين
