سنڌ جي مختلف شهرن ۾ يوم القدس جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي
( نمائندن وٽان ) شهدادپور ۾ اماميه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن پاران يوم القدس جي سلسلي ۾ ريلي ڪڍي آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف نعرا ڪئي وئي، ريلي حسيني امام بارگاهه کان شهدادپور پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي،
ڀٽ شاهه ۾ مختلف تنظيمن درگاهه ڀٽائي کان دنبورا چوڪ تائين ريلي ڪڍي آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف نعريبازي ڪئي وئي، ريلي ۾ اصغريه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن، اصغريه علم و عمل تحريڪ سميت ٻين تنظيمن جي ڪارڪنن قمر عباس غديري، رمضان انقلابي، عباس علي، اويس عمراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي
مٽياري ۾ به شيعا علماءِ ڪائونسل پاران يوم القدس جي سلسلي ۾ قائد ملت جعفريه علام سيد ساجد نقوي جي هدايت تي ريلي ڪڍي اسرائيل ۽ آمريڪا خلاف نعريبازي ڪئي وئي، ريلي جامع مسجد امام زين العابدين کان پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي مولابخش ھالائي، مولانا قمبر شاهه نقوي، طالب حسين منتظري ۽ ٻين ڪئي
پيروسڻ ۾ به شيعا علماءِ ڪائونسل طرفان بيت المقدس جي آزادي توڙي سنڌو درياهه تي ٺهندڙ تڪراري ڪئنالن خلاف ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي، ريلي مولانا گدا حسين حاجاڻو، منور جعفري، اوشاق شر، ضمانت چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مسجد ال عمران کان پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي
نوشهروفيروز ۾ به شعيا علماءِ ڪائونسل جي سڏ تي يوم القدس جي سلسلي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، ريلي جي اڳواڻي مولانا امجد حيدري، مولانا حب علي حيدري، زاهد شاهه، زوار مير شاهه، واجد عباسي ۽ ٻين ريلي امام بارگاهه ابو تراب کان ڪڍي وئي جيڪا شهر مختلف هنڌن جو گشت ڪرڻ بعد نيشنل پريس ڪلب پهتي جتي اسرائيل ۽ آمريڪا خلاف نعريبازي ڪئي وئي
سجاول ۾ بيت المقدس جي آزادي لاءِ مجلس وحدت المسلمين پاران ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي حاجي مظفر لغاري، سيد منصور شاهه، علي نواز، گل محمد لغاري ۽ ٻين ڪئي، بعد نماز جمع امام بارگاهه الحسيني کان ريلي ڪڍي شهر جي مختلف هنڌن جو گشت ڪري الحسيني چوڪ تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو
عثمان شاهه ھڙي ۾ به يوم القدس جي سلسلي ۾ ريلي امريڪا ۽ اسرائيل خلاف سخت نعاريبازي ڪئي وئي، ريلي جي اڳواڻي شيعا علماءِ ڪائونسل سنڌ جي سينيئر نائب سيد عزيز الله شاهه، امتياز شاهه، حاجي ميرجت ۽ ٻين ڪئي،
ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته مسلمانن لاءِ لازم آهي ته هو فلسطين جي مظلوم مسلمانن جي حمايت ۾ آواز بلند ڪن، فلسطين ۾ انساني حقن جي لتاڙ ٿي رهي آھي ۽ عالمي ادارا خاموش آھن، فلسطين تي ظلم جي انتها ڪئي وئي آھي اسان اسرائيل جي ظلم کي ڪنهن به صورت برداشت نه ڪنداسين، فلسطين جي مسلمانن جي خون ۾ امريڪا به برابر جو شريڪ آھي اڳواڻن چيو ته هي احتجاج تيسين جاري رهندا جيسين اسرائيل فلسطين جي ناحق خون وهائڻ بند نٿو ڪري
