ڪوئيٽا ۾ پوليس موبائل ويجهو ڌماڪو، 3 ڄڻا فوت، 21 زخمي
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پوليس موجب ڌماڪي ۾ هڪ گاڏي ۽ موٽرسائيڪل کي نقصان پهتو آهي، ڌماڪي ۾ فوتين جا مڙهه سول اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن
ٽراما سينٽر انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل 17 ماڻهن کي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي، جن ۾ 2 ٻار به شامل آهن
ڊاڪٽر عائشه فيض پاران ڌماڪي ۾ ٽن ڄڻن جي فوت ٿيڻ ۽ 21 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، هن وڌيڪ چيو ته زخمين مان ٽن جي حالت نازڪ آهي
مقامي رهواسين جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو، ٻئي طرف واقعي جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران جاچ شروع ڪئي وئي آهي
