حڪومت مني بجيٽ کانسواءِ آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو ڪيو آهي: وزيراعظم

6374785261712290334

( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت مني بجيٽ کانسواءِ آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو ڪيو آهي،

چئني صوبن جي عوام مهانگائي جو ٻوجهه برداشت ڪري قربانيون ڏنيون، خاص طور پگهاردار طبقي ٽيڪسن جو بار برداشت ڪيو،

آءِ ايم ايف قرض پروگرام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جو اعتراف ڪيو آهي،

آءِ ايم ايف هلندڙ سال ٽيڪس سدف گهٽ ڪرڻ جي آڇ ڪئي، هنن انڪار ڪري ڇڏيو،

کنڊ جي سيلز ٽيڪس جي چوري تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، هر سيڪٽر کي هاڻي ٽيڪس جي دائري ۾ شامل ٿيڻو پوندو،

دهشتگردي جي خاتمي ۽ امن قائم ڪرڻ سان ترقي جو عمل اڳتي وڌي سگهي ٿو، قرضن کي ختم ڪري پنهنجي پيرن تي بيهڻو پوندو،

رمضان پيڪيج تحت 20 ارب مان 60 سيڪڙو رقم ورهائجي چڪي آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *